عبدالله خواب حيدرآبادي

عبدالله خواب حيدرآبادي

عبدالله خواب حيدرآبادي

عبدالله ‘خواب’ حيدرآبادي: سنڌ جي نامور شاعر ۽ نثر نويس عبدالله خواب حيدرآباديءَ جو پورو نالو عبدالله ڀٽي ولد علي بخش ڀٽي هو. سندس جنم 19 شوال 1321هه/ 18 جنوري 1904ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هيءُ ابتدائي تعليم 3 درجا سنڌي پڙهيو. غربت سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو ۽ عملي زندگيءَ جي شروعات درزڪي ڪم سان ڪيائين. سندس انتخاب ٽيلرس نالي سان دڪان، تلڪ چاڙهيءَ تي واقع هو. هن جو والد بزرگوار هڪ مذهبي ماڻهو هو. راڳ رنگ جو شوقين هو. سندس اوطاق تي سنڌ جي روايت موجب راڳ رنگ ۽ مدح ثنا جون محفلون هميشه ٿينديون رهنديون هيون. تنهنڪري عبدالله کي پنهنجي گهر ۾ ئي شاعراڻو ماحول مليو. اهڙي شاعراڻي ماحول، ڪتابن جي اڀياس، فطرت جي مطالعي، فڪري صلاحيتن ۽ اديبن جي صحبت سبب عبدالله خواب شاعريءَ جي شروعات ڪئي. تنهن دور ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ مسلم ادبي سوسائٽي، انجمن ترقيءَ اردو، بزم خليل ۽ سنڌي ادبي سنگت شامل هئا، جنهن ۾ سنڌ جا نامي گرامي شاعر ۽ اديب شرڪت ڪندا هئا، تن جي شاعري ۽ فڪر مٿس اثر ڇڏيو. هن شاعريءَ بابت رهنمائي استاد محمد حيات شاهه ۽ وڏي ڀاءُ محمد موسيٰ راز کان ورتي، بعد ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جي رهنمائي حاصل ڪيائين. هن شاعريءَ جي تقريباً سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. هي 1948ع ڌاري ‘بزم خليل حيدرآباد ’ ۾ شامل ٿيو. حيدرآباد ۾ ‘انجمن ترقي اردو’ پاران سڏايل مشاعرن ۾ پڻ ڪافي حصو ورتائين.عبدالله خواب قادرالڪلام ۽ قومي شاعر هو. سندس ڪلام شائستگي، مروت، حب الوطني ۽ معاشرتي مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن سنڌ جي سياسي تحريڪن ۾ پڻ حصو ورتو، جنهن ڪري کيس جيل پڻ وڃڻو پيو. سندس تصنيفن ۾: ‘تعبير خواب’ (سنڌي ڪلام)، ‘خواب و خيال’ (اردو ڪلام)، ‘سفر جو سفر’ (سفرنامو)، ‘داستانِ درد دل’ (آتم ڪٿا) شامل آهن. عبدالله خواب 21 فيبروري 1981ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.01.18  عيسوي

عبدالله خواب حيدرآباديءَ جو پورو نالو عبدالله ڀٽي ولد علي بخش ڀٽي هو. سندس جنم 19 شوال 1321هه/ 18 جنوري 1904ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.


1981.02.21  عيسوي

عبدالله خواب 21 فيبروري 1981ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالفتاح عبد بٺورائي
عبدالله عبد انصاري
گل محمد رند
چانڊيو نورالدين ’نور‘ مولانا
سيد غلام محمد شاهه گدا
تمر فقير
صوفي غلام محمد فقير گل ٽالپر
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
مير ڪرم علي خان ٽالپرڪرم
اصغر سائين
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون